انيلا ابڙو

انيلا ابڙو

انيلا ابڙو 2

انيلا ابڙو: ايٿليٽڪس ۾ پاڻ مڃائيندڙ سنڌ ڄائي انيلا ابڙو لاڙڪاڻي ۾، محمد اسحاق ابڙي جي گهر 14 نومبر 1975ع تي جنم ورتو، هن ستين درجي ۾ لاڙڪاڻي جي گرلس هاءِ اسڪول مان راند جي شروعات ڪئي، گڏوگڏ تعليم کي جاري رکندي ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. پر شوق خاطر راند کي ئي ڪيريئر بڻايو. ڊاڪٽر انيلا ابڙو هن وقت گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن طور ڪم ڪري رهي آهي. هن ايٿليٽڪس راند جي شروعات 100 ميٽر ڊوڙ سان ڪراچيءَ مان ڪئي، بعد ۾ هن ايٿليٽڪس جي ڊسڪس ٿرو شعبي کي اهميت ڏئي ان ۾ مڃتا ماڻي. هُوءَ پاڪستان ۾ 1989ع ڌاري SAF گيمز ۾ پهرين سنڌي ڇوڪريءَ طور پاڪستاني ٽيم جو حصو رهي، جتي کيس ايٿليٽڪس ۾ پاڪستاني ڪلر پڻ مليو. 1990ع ڌاري هن اسلام آباد ۾ ٿيل انڊر 16 ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو. ساڳئي سال هن ڪراچيءَ ۾ ٿيل انٽر ڊويزن ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. سندس ڪيريئر جو سنهري دؤر 1994ع کان 1996ع وارو هو، جڏهن هن نه رڳو سنڌ گيمز ۾ مسلسل ٽن سالن تائين گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، پر ايٿليٽڪس ۾ چيمپيئن طور پهرين سنڌي ڇوڪريءَ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. هن ان ۾ هيٽرڪ به ڪري ورتي. هن 1994ع ۾ حيدرآباد، 1995ع ۾ سکر ۽ 1996ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سنڌ گيمز ۾ گولڊ ميڊل ماڻي ڄاڻايل اعزاز جو دفاع ڪيو. جيتوڻيڪ هن بعد ۾ ايٿليٽڪس کي پروفيشنل طور خدا حافظ چيو پر سندس صلاحيتن جي نتيجي ۾ کيس هڪ ٻيو موقعو مليو ۽ هن 1999ع ۾ پاڪستان جي ايٿليٽڪس ٽيم سان گڏ ڀارت جو دؤرو ڪندي، راجا ٻلهيندر سنگهه چيمپئن شپ ۾ حصو ورتو. ڊاڪٽر انيلا جي ايترين ڪاميابين جي پٺيان سندس والد محمد اسحاق جو وڏو هٿ آهي. هو پاڻ به ايٿليٽڪس کيڏڻ سان گڏ اسپورٽس انسٽرڪٽر پڻ رهيو. ان ڪري هن پنهنجي ڌيءَ جي تربيت ۾ وسان نه گهٽايو. گهر ۾ ئي ايٿليٽڪس لاءِ ٽريڪ ٺهرائي ڏنو. جتي پاڻ روز پرئڪٽس ڪندي هئي ۽ اهو ٽريڪ اڄ به سندن گهر ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ سندس والد لاڙڪاڻي ۾ فزيڪل ايجوڪيشن جو ڪاليج به قائم ڪيو، جيڪو پڻ سنڌ اندر پهريون خانگي ڪاليج هو. 2005ع ۾ والد جي وفات کانپوءِ اهو ڪاليج هن سنڀاليو، پر ٻن سالن بعد ڪن معاملن جي ڪري اهو ڪاليج بند ٿي ويو. ڊاڪٽر انيلا ابڙو نه رڳو گرلس ڪاليج اندر پنهنجي ذميواري نڀائيندي شاگردياڻين کي سکيا ڏئي رهي آهي، پر هوءَ شهر اندر ٻين مختلف هنڌن تي مقامي سطح تي ٿيندڙ راندين جي مقابلن ۾ به اڪثر شاگردياڻين ۽ ڇوڪرين جي رهنمائي ڪري رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.11.14  عيسوي

ايٿليٽڪس ۾ پاڻ مڃائيندڙ سنڌ ڄائي انيلا ابڙو لاڙڪاڻي ۾، محمد اسحاق ابڙي جي گهر 14 نومبر 1975ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
اصغر سنڌي
دلدار عباسي 1
رتيش سڌواڻي
حسن اي شيخ
بگو جروار استاد
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
ثابت بن ضحاڪ
مڪيش بارٿاڻي
استاد دين محمد خان جيڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون